تور 4

تورَ: سنڌ ۾ تور يا ماپ جا ٻه نظام هلندڙ آهن، جيتوڻيڪ هاڻي گهڻي تور اعشاري نظام (ڏهائي سرشتي) موجب ٿيندي آهي، تنهن هوندي به ڪٿي ڪٿي پراڻو رواج هلندڙ آهي. هتي اول پراڻي نظام موجب تور جي جدول ڏجي ٿي:
1. سون، چاندي، وغيره جي تور جي جدول:
4 مُڱ = هڪ رتي
8 رتيون = هڪ ماسو
12 ماسا = هڪ تولو
2. اناج جي تور جي جدول:
5 تولا = هڪ آنو
4 آنا = هڪ پاءُ
4 پاءُ = هڪ سير
40 سير = هڪ مڻ
8 مڻ = هڪ کنڊي
3. ماپ جي جدول:
12 انچ = هڪ فوٽ
3 فوٽ = هڪ وال
220 وال = هڪ فرلانگ
8 فرلانگ = هڪ ميل
2 ميل = هڪ ڪوهه
ڏهائي يا اعشاري نظام موجب، هاڻي تور ماپ جا ماڻ هن ريت رائج ٿيا آهن:
ميٽرڪ Metric
1 ڪلو گرام 15432= (kg) گرين
274 ، 35 آئونس
يا
2046 . 2 پائونڊ
يا
1000 گرام
1 گرام 15.432=(g) گرين
1 ملي گرام 0.0145= (mg) گرين
امپيريل Imperial-
1 ٽَنُ 1016= (2240 Ib)
1 هنڊريٽ ويٽ = 80 . 50 ڪلوگرام
(cwt) 6.35 = (12 Ib) ڪلوگرام
اسٽون 6 . 35= (14 Ib)= (st) ڪلوگرام
1 پائونڊ = 453 گرام
1 آئونس = 35 . 28 گرام
1 گرين 64.799= (gr)
تور واري هن نظام کي 1801ع ۾ فرانس ۾ قانوني حيثيت ملي. 1840ع ۾ ان نظام کي تور لاءِ لازمي قرار ڏنو ويو. اهو نظام 1951ع ۾ برطانيه ۾ رائج ڪيو ويو ۽ ان جو تفصيل 1963ع ۾ شايع ٿيو. پاڪستان ۾ هن نظام کي پهرين جولاءِ 1974ع تي لاڳو ڪيو ويو ۽ ان نظام جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو ايڪيتاليهون ملڪ آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو